سيد علي شير شاهه لڪياريءَ جو ميلو

سيد علي شير شاهه لڪياريءَ جو ميلو: شير شاهه لڪياريءَ جو ميلو'>سيد علي شير شاهه لڪياريءَ جو ميلو، هر سال 14، 15 ۽ 16 صفر تي، رام جاڳو لڳ صالح ڀنڀري اسٽيشن، تعلقي ساماري ۾ لڳندو آهي. هن ميلي ۾ ملاکڙو ٿيندو آهي، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا پهرئين ۽ ٻئي جوڙ جا پهلوان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ان کان سواءِ ميلي ۾ سرڪس، موت جو کوهه، گهوڙن جي ڊوڙ جو انعامي مقابلو، رڇ ۽ ڪتي جي ويڙهه، ڪٻٽي راند، سٺو دڪان سينگاريندڙن ۾ انعامي مقابلو ۽ موسيقيءَ جي محفل رچائي ويندي آهي، جنهن ۾ ريڊيو، ٽي. وي جا مشهور فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ڪيترا عقيدتمند ۽ مريد حاضري ڀريندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو